الطاف احمد صديقي

الطاف احمد صديقي

الطاف احمد صديقي

الطاف احمد صديقي: ليکڪ ۽ محقق الطاف احمد صديقي 22 جولاءِ 1958ع تي ٺٽي شھر ۾ محمد سليمان صديقيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪرڻ بعد ڪوٽڙيءَ لڏي آيو. هن ايم. اي (معاشيات)، ايم. اي (سماجيات) ۽ MBA جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪيون. اُن کان علاوه هن بئنڪنگ جي شعبي ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي. پيشي جي لحاظ کان هڪ بئنڪر طور نئشنل بئنڪ مان اَسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو. سنڌ جي تاريخ ۽ ملڪي معيشت جي موضوع تي سندس ڪالم مختلف اَخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. تحقيق تي مشتمل سندس ڪتاب ’ڪوٽڙيءَ جي ڪھاڻي‘ (2023ع) ڇپجي چُڪو آهي. سياحت جي شوق ۾ برطانيه، فرانس، جرمني، ھالينڊ، بيلجم، سعودي عرب، عراق، ايران، متحده عرب رياستون، ٿائيلنڊ، مليشيا، سريلنڪا ۽ ھندستان گهمي چُڪو آهي.


لفظ الطاف احمد صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.07.22  عيسوي

ليکڪ ۽ محقق الطاف احمد صديقي 22 جولاءِ 1958ع تي ٺٽي شھر ۾ محمد سليمان صديقيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضياء الحق ڪانڌڙو
چنگيز خان
ٻلديو گاجرا
صلاح الدين تنيو
شير محمد ٻرڙو
شيخ محمد ابراهيم
ثريا 1
جلال محمد مخدوم
پونٽنگ رڪي ٿامس
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون